نيلسن منڊيلا، نسل پرستيءَ جو مقابلو ڪندڙ شخص

نيلسن منڊيلا، نسل پرستيءَ جو مقابلو ڪندڙ شخص

نيلسن منڊيلا، نسل پرستيءَ جو مقابلو ڪندڙ شخص
نيلسن منڊيلا آزاديءَ جي مشھور رکوالن مان هڪ آهي، هن پنھنجي سڄي زندگي نسل پرست طاقتن سان وڙهندي گذاري ۽ پنھنجي ملڪ ڏکڻ آفريڪا کي آزادي ڏياري. منڊيلا 18 جولاءِ 1918ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ مقامي قبيلي جو چڱو مڙس هو. منڊيلا کي ننڍپڻ ۾ پيار وچان ”روليلاهلا“ نالو ڏنو ويو هو، ڏکڻ آفريڪي ٻولي”خوسه“ ۾ ان جي معنيٰ ’شرارتي‘ آهي. نيلسن منڊيلا 5 ڊسمبر 2013ع تي ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ لاڏاڻو ڪيو. 1964ع ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو، استغاثه (فريادي) موت جي سزا گهري، پر جج عمر قيد لکي ڏني. کيس 1977ع ۾ آزادي ملي پر ان عرصي دوران سندس امڙ ۽ هڪ ٻار فوت ٿي چڪا هئا. هتي اسين سندس هڪ مشھور تقرير، جيڪا هن 1964ع ۾ عدالت اندر پنھنجو ۽ پارٽيءَ جو دفاع ڪندي ڪئي هئي، پيش ڪريون ٿا:
منھنجا معزز جج صاحب، آئون پھريون جوابدار آهيان.
آئون بِي اَي آهيان ۽ ڪيترن ئي سالن تائين جوهانسبرگ ۾ وڪالت ڪندو رهيو آهيان،ا تي مون هن ڪيس جي هڪ ٻئي ملزم، جوان اوليور ٽامبو سان گڏ ڪم ڪيو. آئون هڪ سزا مليل قيدي آهيان ۽ پنجن سالن جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان، جيڪا مون کي بنا اجازت ملڪ ڇڏڻ ۽ مئي 1961 جي آخر ۾ ماڻهن کي هڙتال لاءِ اتساهڻ جي ڏوهه ۾ ڏني وئي هئي.
آئون هتي اعتراف ڪريان ٿو ته آئون انهن ماڻهن ۾ شامل هئس جن ”امڪونتو وَي سِيزوَي“ جي جوڙجڪ ۾ حصو ورتو ۽ آگسٽ 1962ع ۾ پنھنجي گرفتاريءَ تائين ان جي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيس. هن بيان ۾، جيڪو آئون هاڻي ڏيڻ وارو آهيان، آئون ان غلط تاثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪو سرڪاري شاهدن پيدا ڪيو آهي. ٻين ڳالهين سان گڏ، آئون اهو به واضح ڪندس ته ثبوتن ۾ جن ڪارروائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي ”امڪونتو وَي سِيزوَي“ جي طرفان نه ڪيون ويون هيون، نه ئي ڪري ٿي سگهبيون.
آئون آفريڪي نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپن ۽ انهن ٻنهي تنظيمن جي معاملن ۾ پنھنجي ذاتي ڪردار تي به روشني وجهندس. آئون ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪردار جو به ذڪر ڪندس، انهن سمورين ڳالهين جي وضاحت لاءِ مون کي اهو بيان ڪرڻو پوندو ته ”امڪونتو“ جا مقصد ڪھڙا هئا؛ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڪھڙا طريقا تجويز ڪيا؛ ۽ اهي طريقا ڇو اختيار ڪيا ويا. آئون اهو به واضح ڪندس ته ڪيئن هن تنظيم جي سرگرمين ۾ شامل ٿيس.
شروع ۾ ئي، آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته رياست جي طرفان ان جي شروعاتي بيان ۾ جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي، ته ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد پرڏيهي ماڻهن يا ڪميونسٽن جي اثر هيٺ آهي، سراسر غلط آهي. مون جيڪو به ڪيو، ڀلي هڪ فرد جي حيثيت سان پنھنجي قوم جي اڳواڻ جي طور تي، اهو ڏکڻ آفريڪا ۾ پنھنجي ذاتي تجربن ۽ پنھنجي فخر جوڳي آفريڪي پس منظر جي بنياد تي ڪيو، نڪي ڪنھن پرڏيھي شخصيت جي چوڻ تي.
پنھنجي ننڍپڻ ۾، ٽرينسڪي ۾، آئون پنھنجي قوم جي وڏڙن کان انهن جي قديم زماني جون ڪھاڻيون ٻڌندو هئس. انهن ڪھاڻين ۾ منھنجي ابن ڏاڏن جون اهي جنگون به شامل هيون، جيڪي انهن پنھنجي وطن جي دفاع ۾ وڙهيون هيون. ڊنگاني، بامباٿا، هنٽسا، ماڪانا، سڪنگاٿي، دلاسيلي، موسھوشوئي ۽ سيکو حوني اهڙا نالا هئا، جن کي پوري آفريڪي قوم جَي فخر ۽ شان طور واکاڻيو ويندو هو. ان وقت مون اميد ٿي ڪئي ته زندگي مون کي به پنھنجن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي ۽ آئون انهن جي آزاديءَ جي جدوجھد ۾ پنھنجو معمولي حصو وجهي سگهان. اهو ئي جذبو هن ڪيس ۾ مون تي لڳايل الزامن جي حوالي سان منھنجي هر عمل جو بنياد رهيو آهي.
اها ڳالهه چوڻ کان پوءِ، آئون هڪدم ۽ ڪجهه تفصيل سان تخريب ڪاريءَ جي سوال تي ڳالهائيندس. هيل تائين عدالت ۾ جيڪو ڪجهه پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪجهه ڳالهيون درست آهن ۽ ڪجهه غلط، پر آئون ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪريان ته مون تخريبڪاريءَ جي منصوبابندي ڪئي. مون اهو منصوبو نه ته لاپرواهيءَ جي جذبي سان ڪيو ۽ نه ئي مون کي تشدد سان ڪا محبت آهي، پر مون اهو فيصلو هڪ پُرسڪون ۽ سنجيده جائزي کان پوءِ ڪيو، جيڪو ڪيئي سالن کان منھنجي ماڻهن تي اڇي رنگ جي ماڻهن جي ظلم، استحصال ۽ ڏاڍ جي پاليسين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ٻڌل هو.
آئون ان ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان ته ”امڪونتو“ انهن ڪارروائين جي ذميوار هئي جيڪي واضح طور تي تنظيم جي پاليسي کان ٻاهر هيون، پر جن کي اسان جي خلاف فرد جرم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، مون کي ناهي خبر ته انهن ڪارروائين جو ڪو جواز هو يا نه، ۽ ڪنھن اهي ڪارروائيون ڪيون، پر اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ”اهي ’امڪونتو‘ جي طرفا نه ته منظور ڪيون ويون هيون ۽ نه ئي ڪري ٿي سگهبيون“ آئون مختصر طور تنظيم جي بنياد ۽ ان جي پاليسين جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.
آئون اڳ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته آئون انهن ماڻهن ۾ شامل هئس، جن ”امڪونتو“ جو بنياد رکيو. مون ۽ منھنجي ساٿين هي تنظيم ٻن سببن جي ڪري قائم ڪئي هئي. پھريون سبب اهو هو ته اسين سمجهندا هئاسين ته حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ آفريڪي عوام پاران تشدد اڻٽر ٿي چڪو هو، ۽ جيڪڏهن انهن جي جذبن کي منظم ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ذميوار قيادت فراهم نه ڪئي وڃي ها، ته دهشتگرديءَ جا اهڙا واقعا ٿي ٿي سگهيا، جيڪي ملڪ جي مختلف نسلن وچ ۾ اهڙي شدت واري نفرت ۽ دشمني پيدا ڪري ڇڏين ها، جيڪي جنگ کان به وڌيڪ خطرناڪ هجن ها.
ٻيو سبب اهو هو ته اسان سمجهي ورتو هو ته آفريڪي عوام وٽ گورن جي برتريءَ واري سوچ خلاف پنھنجي جدوجھد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ تخريب ڪاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو. ان سوچ خلاف پرامن ۽ قانوني طريقن سان مخالفت جي اظھار جا سمورا رستا قانون سازيءَ ذريعي بند ڪيا ويا هئا ۽ اسان کي ان صورتحال ۾ آڻي بيھاريو ويو هو جو يا ته اسين هميشه لاءِ گهٽ حيثِيت کي قبول ڪري وٺون يا حڪومت جي نافرماني ڪريون. اسان حڪومت جي نافرمانيءَ جو رستو اختيار ڪيو. شروع ۾ اسان بنا تشدد جي قانون کي ٽوڙيو، پر جڏهن ان طريقي کي به غيرقانوني قرار ڏنو ويو ۽ حڪومت پنھنجي پاليسين جي مخالفت کي چٿڻ لاءِ طاقت جو استعمال شرع ڪيو، تڏهن اسان فيصلو ڪيو ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو وڃي، پر جنھن تشدد کي اسان اختيار ڪيو، اهو دهشتگردي نه هو. اسان، جن ”امڪونتو“ جو بنياد وڌو، سڀ جا سڀ آفريڪي نيشنل ڪانگريس جا ميمبر هئاسين ۽ اسان جي پويان سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اَي اين سي جي عدم تشدد ۽ ڳالهين جي روايت موجود هئي. اسان اهو سمجهندا هئاسين ته ڏکڻ آفريڪا انهن سمورن ماڻهن جو آهي، جيڪي ان ۾ رهن ٿا، نڪي ڪنھن هڪ گروهه جو، ڀلي اهو ڪارو هجي يا گورو. اسان نسلي جنگ نٿي چاهي ۽ آخري حد تائين ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين. جيڪڏهن عدالت کي ان باري ۾ ڪو شڪ هجي ته اسان جي تنظيم جي پوري تاريخ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ۽ اڳتي جڏهن آئون انهن حڪمت عملين جو ذڪر ڪندس جيڪي ”امڪونتو“ اختيار ڪيون، ته اها ڳالهه وڌيڪ چِٽي ٿي پوندي. ان ڪري آئون آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو.
(هلندڙ)

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ