کافی قسط 3

کافی قسط 3
بوسٽن ٽي پارٽي ۽ ڪافي
” 1973۾، آمريڪا جي ٽپال کاتي ٽپال جي چئن ٽڪيٽن جو هڪ سيٽ جاري ڪيو، جيڪي پاڻ ۾گڏجي ’بوسٽن ٽي پارٽي‘ جو هڪ مڪمل منظر پيش ڪن ٿيون “
بوسٽن ٽي پارٽي کان پھرين، آمريڪي نو آبادي جي رهواسين جي اڪثريت چانھه جي شوقين هئي (جڏهن ته برطانيا ۾ اها خاص مشروب هئي). بھرحال 1773ع ۾ برطانوي حڪومت پاران چانھه تي ٽيڪس وڌائڻ تي ماڻهن گهرن ۾ رکيل سوين درامد ڪيل پيتيون احتجاج طور سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏيون. ان وقت ڪافي پئڻ حب الوطني سمجهيو ويندو هو. ۽ ڪافي هتان جو قومي مشروب ٿي ويو. 1973ع ۾ آمريڪي ٽپال کاتي ان سلسلي ۾ ٽپال ٽڪيٽ جاري ڪئي، جنھن جي تصوير اسان مٿي لڳائي ڇڏي آهي.
ڪافي جا ٻُوٽا ارڙهين صدي ۾ نئين دنيا تائين پھتا. بوسٽن ٽي پارٽيءَ تائين اهو شربت آمريڪا ۾ مشھور نه هو. ان کان پوءِ برطانيھ جي مخالفت ۾ حب الوطني طور، ڪافي چانھه جي جاءِ وٺي ڇڏي. ٻين مسئلن ۽ گهرو ويڙهه به ڪافي جي کپت ۾ مدد ڏني، جنھن وقت فوجين کي پتو پيو ته ڪيفين انهن جي طاقت وڌائي ڇڏيندي آهي. ان ڪري جيڪو ڪم دير سان ٿئي ها سو جلدي ۾ ٿي ويو. ٽيڊي روز ويلٽ کي آمريڪا جي وڏن ڪافي پيئندڙن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن جي باري ۾ مشھور آهي ته هو روزانو گيلن ڪافي ڏوگهي ويندو هو. روز ويلٽ جي باري ۾ اهو به چيو ويندو آهي ته “ميڪس ويل هائوس” جو مشھور قول “ آخري ڦڙي تائين بھترين” سندس ئي چيل آهي. چيو وڃي ٿوته اِهو هِن اُن وقت چيو جڏهن کيس اينڊريو جيڪيسن (ستين صدر) جي رياست ٽيننسي ۾ تاريخي گهر ۾ ڪافي پيش ڪئي وئي.
ارڙهين صدي جي آخر ۾ ڪافي هڪ بين الاقوامي منڊي جو درجو ماڻي چڪي هئي ۽ ڪاروباري ڌريون هن شربت مان وڌ کان وڌ فائدو/ منافعو حاصل ڪرڻ جا نِت نوان طريقا ڳولڻ لڳيون. 1864ع پِٽس برگ جي رهواسي ٻن ڀائرن جَون ۽ چارلس آربَڪل هڪ نئين خودڪار مشين خريد ڪئي، جيڪا ڪافيءَ جا ٻج کَلن کان ڌار ڪري ڀُڃي ڇڏيندي هئي. آربَڪل ڀائرن ڀُڃيل ڪافي هڪ هڪ پائونڊ جي ڪاغذ جي ٿيلهين ۾ ويڙهي وڪڻڻ شروع ڪئي. هنن ان ڪافي جو نالو “آريوسا” رکيو ۽ اولھه آمريڪا جي ڪائو بوائز ۾ ان جو وڪرو ڪامياب رهيو. گهڻو وقت نه گذريو هو جو ڪافي “جيمز فولگر” ان ئي نقش قدم تي هلندي ڪيليفورنيا جي سون جي کاڻ کوٽيندڙن کي ڪافي وڪڻڻ شروع ڪري ڏني. اهڙي طرح ڪافي پيدا ڪندڙن کي هڪ نئون رستو ملي ويو. ان ۾ وڏا وڏا نالا شامل آهن، مثال طور ميڪس ويل ۽ هِلز برادرز.
1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪافي جي خاصيتن جي باري ۾ جاڳرتا پکڙجڻ لڳي. ان کان متاثر ٿي 1971ع ۾ پھريو “اسٽار بَڪ” سِياٽل ۾ کوليو ويو. هاڻي اسٽار بڪ ڪافي جي هڪ اهم سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. عوامي سطح تي ڪافي پيئڻ جو شوق وڌندو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ ئي ننڍي پيماني تي انفرادي ڪيفين جو تعداد به وڌي رهيو آهي.... جن کي پنھنجي مقامي طور ڀُڃيل ٻِجن ذريعي صاف سٿري ۽ جٽادار ڪاروبار تي فخر آهي. ڪافي هڪ نفيس ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جيڪو پنھنجي ذائقي ۽ ماحولياتي سببن جي ڪري پاڪستان ۾ چانھه جيتري اهميت رکندڙ آهي.
(بوسٽن ٽي پارٽي: 16 ڊسمبر 1773ع تي آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي شھر بوسٽن جي ماڻهن جو هڪ سياسي ۽ ڪاروباري احتجاجي مظاهرو ٿيو. ان جو نشانو برطانوي پارليامينٽ مان هڪ پاس ٿيل “ٽي ايڪٽ” هو جيڪو 10 مئي 1773ع ۾ پاس ٿيو. هن ايڪٽ تحت “برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني” کي اجازت ڏني وئي ته اها چين کان چانھه خريد ڪري بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي آمريڪي نو آبادين ۾ وڪرو ڪري سگهي ٿي. هڪ سياسي تنظيم “آزادي جا پٽ” هن ايڪٽ جي سخت مخالفت ڪئي ته هي سندن حقن جي ڀڃڪڙي آهي. مظاهرين آمريڪي انڊينز جي ويس ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان اماڻيل چانھه جي پوري کيپ کي تباهه ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاهرين بندرگاهه ۾ جھازن تي چڙهي چانھه جون سموريون پيٽيون سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون. برطانوي حڪومت ان احتجاج کي غداري جو عمل سمجهندي سخت رد عمل ڏنو. ان حادثي آمريڪي انقلاب کي وڌايو جيڪو آمريڪا جو هڪ تاريخي واقعو بڻجي ويو. هي ٽي پارٽي، برطانوي آمريڪا ۾ ٽي ايڪٽ خلاف مزاحمتي تحريڪ جو عروج هو. هتان جي برطانوي نو آبادي هن ايڪٽ تي اعتراض واريو ته “نمائندگي نه ته ٽيڪس نه” جي اصول تحت هي انهن جي حقن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ٽيڪس صرف انهن جا چونڊيل نمائندا ئي لڳائي سگهندا نه ڪي اهڙي پارليامينٽ ذريعي جنھن ۾ سندن نمائندگي آهي ئي ڪانه. ان کان سواءِ برطانوي حڪومت جي ماتحت ايسٽ انڊيا ڪمپني کي چانھه ڪمپني کي چانھه جي مقامي درآمد ڪندڙن تي اوليت ڏني وئي هئي. هنن ان قدم کي پنھنجي ڪاروبار جي وڌيڪ حق تلفي سمجهندي تمام ناراضپو ظاهر ڪيو. بوسٽن ٽي پارٽي جي واقعي ننڍي کنڊ جي عوام کي 1857ع واري آزادي جي جنگ ياد ڏياري ڇڏي. جنھن جي شروعات هندستاني فوجين جي ان اعتراض سان ٿي جيڪو انهن بندوقن جي ڪارتوسن جي چوٽي تي ڳئون يا سوئر چرٻي جي استعمال تي ڪيو هو. انهن کي ڪارتوس بندوق ۾ وجهڻ کان اڳ انهن جي چوٽيءَ کي ڏندن سان ڪٽڻو پوندو هو).
ڪيپو چينو
ڪيپو چينو کي اهو نالو ڪيپوچيز راهبن کان مليو آهي. ڪيپوچين راهب (تفصيل ايندڙ پيراگراف ۾) ڪافي جي حق ۾ نه هئا پر اهي ناسي ڪافي ۾جڏهن کير ملائيندا هئا ته ڪافي جو رنگ خاڪي ٿي ويندو هو. اهو رنگ اوڻيھين صديءَ جي انهن ڪافي پيئندڙ راهبن جو ڌيان انهن جي خاڪي چولن ڏانھن ڇڪرائيندو هو. اتي ئي سڀ کان پھرين کير واري ڪافي “ پيڪوزيز” ٺاهي وئي هئي. جديد دور ۾ جهڳ واري ڪيپوچينو گهڻو پوءِ تيار ٿي ۽ اها اٽليءَ جي تخليق هئي.
(ڪيپو چينو هڪ عيسائي فرقو آهي. ڪيپوچون اٽالين لفظ آهي جيڪو چولي جي مٿئين حصي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هن فرقي جا ماڻهو کير مليل ڪافي جي رنگ جھڙا چولا پائيندا هئا. ان جي تاريخ اها آهي ته تيرهين صديءَ جي هڪ عيسائي بزرگ فرانسِس اسيسي هڪ فرقو قائم ڪيو هو، جنھن جا پوئلڳ فرانسسڪن سڏرائيندا هئا. ڪيپوچيني يا ڪيپوچِن راهبن سورهين صديءَ ۾ هن فرقي جي پوئلڳن جي اصلاح لاءِ هڪ تحريڪ هلائي هئي، اهي ماڻهن کي پنھنجي وڏڙن جيان سخت ۽ سادي زندگي گذارڻ جي دعوت ڏيندا هئا).


ناسي ٻج
ڪَچي ڪافي ڀُڃيل ڪافي کان بلڪل مختلف ٿيندي آهي. جڏهن ٻِج چونڊيا ويندا آهن ته اهي سائي رنگ جا ٿين ٿا. ڀُڃَڻ دوران نشاستو ٽُٽي کنڊ ۾ ۽ کنڊ پگهرجي چاس ۾ تبديل ٿي ويندي آهي جيڪا ٻجن کي ناسي رنگ ڏئي ٿي. اهو بلڪل ايئن ئي آهي جيئن توهان ماني سيڪي ناسي ڪري ڇڏيو ٿا. (هي ڪيميائي عمل “ميلارڊ” چيو ويندو آهي). ان سان هڪ تيل به نڪرندو آهي جنھن کي “ڪيفيول” چوندا آهن.

ڪافي ۽ اٽلي
اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته اڄ جي دور ۾ ڪافي لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ اٽالين آهن. مثال طور ايسپريسو، ڊوپيو، ڪيپوچينو، ڪيفي لاٽَي ۽ ميچاٽو. ان جو سبب اهو آهي ته ايسپريسو مشين اوڻيھين صديءَ ۾ اٽلي ۾ ئي ايجاد ٿي هئي. ايسپريسو هڪ شربت آهي جيڪو تيز گرم پاڻي کي دٻاءُ سان سنهي پيٺل ڪافي مان گذاري تيار ڪندا آهن. هي مشروب جديد دور جي ڪيفيز ۾ پيش ڪيا ويندڙ شربتن کي بنياد مھيا ڪري ٿو.

‘ڪَپ آف جو’
گڏيل آمريڪي رياستن جو هڪ مشھور قول آهي ته “اي ڪپ آف جو” جيڪو آمريڪي نيوي مان آيو آهي. ان جي پويان ڪھاڻي اها آهي ته ايڊمر جوزِفَس ڊينيل پھرين مھاڀاري ويڙهه (1914-18) ۾ جنگي ٻيڙين تي شراب پيئڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي، ان ڪري ان صورت ۾ بھترين متبادل ڪافي ئي هو. بھرحال اها دعويٰ تحقيق طلب آهي ڇو جو اها چوڻي 1930 کان پوءِ ئي ڪنھن تحرير ۾ نظر آئي. ٻين جو چوڻ آهي ته ‘جو’ تخلص آهي ‘جيمو ڪو’ جو، جيمو ڪو پاڻ ‘جاوا’ ۽ ‘موڪا’ جي ميلاپ سان وجود ۾ آيو. جاوا، موڪا ڪافي جا قسم آهن.

شتاب ڪافي
تڪڙي ۽ حاضر قسم جي ڪافي جديد دور جي هڪ اھم سھوليت آهي. جڏهن ته شروع شروع ۾ ان جو استعمال 1771ع ۾ برطانيا ۾ ٿيو. ان کي ٺاهڻ جو طريقو ان وقت کان هلندو پيو اچي. آمريڪا ۾ پھرين مقبول تڪڙي ڪافي “واشنگٽن ڪافي” 1900ع جي شروعات ۾ آئي؛ ۽ نيسڪيفي جي بوند_ سُڪل ڪافي 1938 ۾ پھتي (ڪافي جي محلول جي بوند کي گرم توي تي هنيو ويندو آهي ته اها هڪدم سُڪي ويندي آهي ۽ هڪ پاؤڊر جي شڪل ۾ گڏ ڪئي ويندي آهي)؛ ٻيو طريقو ڪافي جي محلول کي ڄمائي سبليميشن ڪرڻ، يعني برف پاڻي ٿيڻ بنا ٻاڦ بڻجي اڏري وڃي، ان جي ذريعي شتاب ڪافي تيار ڪبي آهي. ڄميل، خشڪ (سُڪل) ڪافي جيڪا دڪانن تي عام ملندي آهي، اها 1960ع کان استعمال هيٺ آهي.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ