!....جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙا

!....جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙا
!....جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙا

يو ايس ايس رونلڊ ريگن 1092 فوٽ ڊگهو، 6 بلين ڊالر جو جھاز کڻندڙ هڪ سامونڊي جنگي ٻيڙو آهي جيڪو ٻن ايٽمي ري ايڪٽرن ذريعي هلندو آهي. هي زمره نِمٽِز جو جھاز آهي. آمريڪي نيوي موجب، ان ايڏي جسامت باوجود هي 30 ناٽ (سامونڊي ميل) في ڪلاڪ کان وڌيڪ رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿو (هڪ زميني ميل ۾ لڳ ڀڳ 1.5 بحري ميل هوندا آهن).

ان جھاز جو نالو 1981 کان 1989ع تائين گڏيل آمريڪا جو صدر رهندڙ رونلڊ ريگن جي اعزاز ۾ رکيو ويو آهي. ان کي ورجينيا رياست جي نيو پورٽ جھاز سازيءَ جي ڪارخاني ۾ تيار ڪري 12 جولائي 2003ع تي ’مڪمل‘ ٿيڻ جي سند ڏني وئي.

نمٽِز زمري جي جھاز ڍويندڙ هر سامونڊي ٻيڙي تي 60 کان وڌيڪ جنگي جھاز اچي سگهن ٿا. انهن ۾ ويڙهاڪ جھاز، آبدوز شڪن جھاز، هيلي ڪاپٽر ۽ جاسوس جھاز شامل آهن. پر هي فھرست صرف انهن تائين ئي محدود نه آهي! انهن جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙن جو عملو 3 هزار ماڻهن کان وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ننڍڙي شھر جي آبادي کان وڌيڪ آهي. نِمٽِز جھاز ڍوئيندڙ سامونڊي ٻيڙو هڪ ئي وقت 97000 ٽن وزني قلعو، هڪ ننڍڙو شھر ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ هوائي اڏو به آهي.

ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي هئي پر هڪ جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙي سان ڪيترائي جھاز هلندا آهن جن کي اُن جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙَي جو ويڙهاڪ جٿو يا قافلو چيو ويندو آهي. پر هر جھاز کڻندڙ ٻيڙي جي جٿي جي بناوٽ پنھنجي مھم جي حساب سان ڌار هوندي آهي. ڪجهه جي درجه بندي ڪئي وئي آهي. اهڙي هڪ جٿي ۾ هڪ ته خاص جھاز بردار بيڙو هوندو آهي. جنھن کي ڪو خطاب يا نالو ڏنو ويوهجي ٿو، ٻه گائيڊيڊ ميزائل بردار جھاز، جھاز شڪن توپن سان ليس ٻه جھاز ۽ آبدوزن کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ يا ٻه جھاز مختص ڪيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن وڏي سامونڊي مشقن لاءِ هڪ جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙو ٻين جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙن سان گڏجي هڪ وڏي طاقت جو مظاهرو به ڪندو آهي.

آمريڪي رياستن وٽ 11 جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙا آهن جيڪي دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيڙو آهن. ان شکان پوءِ عوامي جمھوريه چين، ڀارت، اٽلي ۽ برطانيا جو نمبر آهي جن وٽ اهڙا ٻه ٻه ٻيڙا آهن. فرانس ۽ روس وٽ هڪ جھاز ڍوئيندڙ سامونڊي ٻيڙو آهي.

اڄ ڪلهه عوامي جمھوريه چين پنھنجي جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 2024ع کان چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي نيويءَ وٽ ”ليائوننگ“ ۽ ”شين ڊونگ“نالي ٻه فعال جھاز بردار ٻيڙا آهن. انهن جو ٽيون جھاز ”فوزيان“ في الحال آزمائشن مان گذري رهيو آهي. عوامي جمھوريه چين جو هڪ چوٿون جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙو 004 طرز جو به آهي جيڪو جھاز ڍوئيندڙ ٻيڙن جو نئون نسل آهي.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ