ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ

ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ
ٽِٽَ ڦُوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ

پراڻي روم ۾ محل ۾ ٽِٽَ، ڦُوس ڏيڻ غيرقانوني هو. جڏهن ته انگلستان جي بادشاهه هينري ستين جي زماني ۾ مانيءَ کان پوءِ وڏي آواز ۾ اوڳرائي ڏيڻ وڏو پسنديده عمل سمجهيو ويندو هو. ٻين قديم معاشرن ۾ به ماني کائڻ کان پوءِ مھمان جيڪڏهن اوڳرائي نه ڏني ته سمجهبو هو ته ان کي کاڌو پسند نه آيو آهي. جيڪڏهن توهان ’بن حر‘ فلم ڏٺي آهي ته ان ۾ به حر جو عرب ميزبان بِن حر کي چوندو آهي ته ماني کائڻ کان پوءِ هو اوڳرائي ڏئي. جڏهن ته اڄ جي جاپان ۾ ڪا شيءِ پيئڻ وقت سَرڙاٽ سان سُرڪيون ڀرڻ کي برو ناهي سمجهيو ويندو. ڳالهه جو مطلب ڪجهه هيئن ٿيو ته وات سان ڳالهائڻ کان سواءِ جسم جي ڪنھن ٻئي حصي مان آواز جو نِڪرڻ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندو آهي. هتي اسين انهن آوازن مان ريح (ٽِٽَ / ڦوس ڏيڻ/ هوا خارج ڪرڻ) جو ذڪر ڪريون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته ريح ڇا آهي؟.
اسان مسلمانن کي ماڻهن جِي پيھه کان پري وڃي هوا خارج ڪرڻ سيکاريو ويو آهي. اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته جيڪڏهن اسان هوا خارج ڪنداسين / ٽِٽ ڦوس ڏينداسين ته اسان جو وضو ٽٽي پوندو. شايد ان ڪري جو ايئن ڪندڙ تي ٽوڪون ڪيون وينديون آهن ۽ محفل غير سنجيده ٿي وڃي ٿي.
اسان جي نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن مسلمانن کي تلقين ڪئي آهي ته جڏهن مسجد اچو ته، خوشبو لڳائي ايندا ڪريو، اهو عمل پسنديده ۽ ساراهه جوڳو هوندو آهي. اها سندن پنھنجي قوم کي ڏنل نصحيتن مان هڪ بھترين نصيحت آهي.
هوا ڳِھڻ / ڇِڪڻ(ايروفيگيا)
ان کان اڳ جو اسان ريح/ ٽِٽَ_ڦُوس ڏيڻ يعني هوا خارج ڪرڻ تي ڳالهايون، ٿورو ڏسون ته هوا ڳِھڻ جو عمل ڇا آهي؟ جڏهن اسان ستل هوندا آهيون ته هوا ڳھندا آهيون پر سڄي ڏينھن ۾ ٿوري گهڻي حوا پنھنجي پيٽ ۾ کڻي ويندا رهندا آهيون. تمام گهڻي هوا اندر ڇڪڻ نفخ (ڦُوڪجڻ/ پيٽ اڀامڻ)، ڀرتي ٿيڻ يا اوڳرائي ۽ ڦُوس جو سبب بڻجي ٿو. آخرڪار گڏ ٿيل هوا کي جلدي يا دير سان ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ٻاهر ته نڪرڻو ئي هوندو آهي، پوءِ وات مان نڪري يا مقعد (ويھڪ واري جاءِ) مان.
هوا هنن صورتن ۾ ڳِھي ويندي آهي: جلدي جلدي کاڌو کائڻ، ماني کائڻ دوران ڳالهائڻ، چيگم چٻاڙڻ، نلڪيءَ سان شربت پيئڻ، تماڪ ڇڪڻ سان هوا اندر ڇڪبي آهي. نڪ بدران وات مان ساهه کڻڻ، زوردار ڪسرت، ڪاروبونيٽڊ شربتن جو استعمال، پوڙهن ماڻهن لاءِ ڍَرِي هٿراڌو ٻَٽِيھي جو استعمال به ريح/ هوا ٺھڻ جي سببن ۾ شامل آهن.

ريح /هوا
معدي جي هواجي خارج ٿيڻ کي ڪيترن ئي نالن سان پڪاريو ويندو آهي، ريح جنھن جي جمع رياح آهي (پر اسان پاڪستاني رياح کي واحد طور به استعمال ڪريون ٿا) ٽِٽَ سڀ کان وڌيڪ مشھور آهي ۽ کِل جوڳو ۽ غير سنجيده عمل به سمجهيو وڃي ٿو. هڪ گهٽ استعمال ٿيندڙ نالو گوز (فارسي)آهي. اسين ريح لفظ سان گڏ جيڪو فعل لڳائيندا آهيون اهو آهي ’ڏيڻ‘، يعني ريح ڏيڻ / ڦُوس ڏيڻ، ان جي معنيٰ ٿي هوا خارج ڪرڻ. ٽِٽ سان اسين ’ڇڏڻ‘ ۽ ’هڻڻ‘ جو لفظ استعمال ڪندا آهيون، ڄڻ ان کي ڪنھن بم جي ويجهو ڪري ڇڏيندا آهيون. ۽ ڪجهه ماڻهو پنھنجي مَشڪرائپ ۾ ريح کي ’ميزائل‘ به چوندا آهن. اهي ماڻهو بي حجاب ٿي، محفل ۾ اعلان به ڪري ڇڏيندڙ هوندا آهن ته اچئي ٿو ’ميزائل‘ يعني هوشيار ٿي وڃو!.
هوا خارج ڪرڻ ۽ ٽِٽ بابت گهڻا لطيفا به مشھور آهن پر اهي عام ميڙاڪن ۾ ٻڌايا ويندا آهن. ڪجهه اسان آخر ۾ لکنداسين.
اچو، ڏسون ٿا ته ريح / ڦُوس ڏيڻ ڇا آهي ۽ هوا جي انهن بوڻينڊن بابت اصل حقيقت ڇا آهي جو اسان سڀ انسان ۽ ٻيا جاندار به خارج ڪندا آهن، سواءِ پکين جي.
اسان انسان معاشرتي لحاظ کان ان معاملي ۾ جانورن کان گهڻا مختلف آهيون. اسين رياح / ڦوسون ڏيڻ جي سلسلي ۾ تميز وارا اصول ٺاهيندا آهيون. شايد ان جو سبب هڪ ته آواز پيدا ٿيڻ ۽ ٻيو اڻوڻندڙ ڌپ جو نڪرڻ آهي. اها هوا هرگز به خطرناڪ نه آهي، شرط آهي ته ان کي سونگهيو نه وڃي. اعلانيل ڦُوس ڏيڻ گهڻين تھذيبن ۾ خراب سمجهيو ويندو آهي، پر سٺي صحت لاءِ ضروري به آهي. اچو، ان آنڊَن جي هوا بابت جن ڳالهين کي ڄاڻڻ ضروري آهي، ان تي هڪ بي حجاب نظر وجهون.

ڦُوس ڏيندڙ
رڳو انسانن کي ئي ڦُوس ڏيڻ جي اجازت حاصل نه آهي. جيتوڻيڪ پکي ۽ اخبوط (اَٺ پيرن وارا)آڪٽوپس هوا خارج ناهن ڪندا، باقي ٻيا جانور چڱي خاصي هوا خارج ڪندا آهن. مثال طور ڳئون جا چار معدا هوندا آهن ۽ اها 160 کان 320 ليٽر (42.3 کان 84.5 گيلن) تائين ميٿين گيس روزانو خارج ڪندي آهي. ميٿين انهن گيسن مان هڪ آهي، جيڪا موسمياتي تبديلن جو سبب آهي. چوپايو مال/ ڍورَ اسان جي سياري جي گرين هائوس گيسن جو 15 سيڪڙو پيدا ڪندا آهن.

روزانو ڪيتريون ڦوسون ڏجن ٿيون؟
گهڻن صحتمند ماڻهن کي ڳڻتي آهي ته انهن جي آنڊَن ۾ گهڻي هوا ڀرجي ويندي آهي، انهن جي خيال ۾ انهن جي هاضمي وارين نالين ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه آهي. اصل ۾ هڪ عام انسان سڄي ڏينھن ۾ 12 کان 25 ڀيرا ٽِٽَ يا ڦُوسَ ڏيندو آهي، جيتوڻيڪ توهان جي خيال ۾ توهان روز ايترا ڀيرا هوا خارج نه ڪندا آهيو ۽ گهٽ ٽِٽَ يا ڦوسُون ڏيو ٿا ته پوءِ ان جو مطلب ٿيو ته توهان کي اڪثر هوا خارج ٿيڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي.
حقيقت ۾ ڏينھن يا رات جي هر ڪلاڪ ۾ هوا خارج ٿيندي آهي. جي ها!، اسين سمهندي به ايئن ئي ڪندا رهندا آهيون...! يعني هوا خارج ڪندا رهون ٿا.
گهڻا ليٽر گيس روزاني خارج ڪجي؟
ماڻهو روزانو 0.5 کان 1.5 لٽر(0.13 ۽ 0.39 گيلن) تائين هوا خارج ڪندا آهن، جيڪا ساليانو 182.5 کان 457.5 لٽر (48 کان 145 گيلن) هوا جي برابر آهي. اها هڪ ننڍڙو حوض ڀرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي.

بدبودار ٽِٽَ / ڦُوسَ
ماڻهن جي عام راءِ جي ابتڙ، آنڊَن جي سڄي هوا بدبودار / ڌپ واري ناهي هوندي. حقيقت ۾ 1 سيڪڙو کان به گهٽ هوا بدبودار هجي ٿي. باقي اڪثر اها هوا سڃاڻپ جي قابل ناهي هوندي. يعني ان جي ڌپ محسوس ناهي ٿيندي. مطلب ته توهان ٽِٽَ يا ڦُوس ڏيڻ سان ڌپ محسوس يا آواز ٻڌي نه سگهندا، ڪنھن ۾ صرف آواز ۽ ڪنھن ۾ نه آواز نه بدبو هجي ٿي.

بدبوءِ جو سبب
ڪيميائي ٻوليءَ ۾ گهڻا ٽِٽَ آڪسيجن، نائٽروجن، هائڊروجن، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ميٿين گيسن مان ٺھندا آهن. ڪجهه گيسون خاص طور هائڊروجن سلفائيڊ خراب آنن جھڙي ڌپ پيدا ڪندي آهي. انساني نڪ ان گيس کي تمام گهٽ مقدار باوجود محسوس ڪري وٺندو آهي. آڪسيجن، نائٽروجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خوراڪ ڳِھَڻ وقت معدي ۾ پھچي ويندي آهي، جڏهن ته هائڊروجن ۽ ميٿين خوراڪ جي ڳَرڻ ۽ ذرا ذرا ٿيڻ جو سبب بڻجنديون آهن.
ڇھه کان اَٺَ ڪلاڪ لڳن ٿا
ڇا توهان کي هوا خارج ٿيڻ جو احساس ٽه پھريءَ جو يا شام جو ٿيندو آهي؟ ايئن آهي ته اها هڪ عام ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن هوا منجهند جي ماني جي ٻن ٽن ڪلاڪن بعد محسوس ٿئي ته ايئن توهان جي نيرن جي ڪري ٿيندو آهي، منجهند يعني ٻن پھرن جي مانيءَ جي ڪري نه. جيڪڏهن توهان رات جو سمهڻ کان ٿورو اڳ ئي ڪجهه کائو ته يقيني طور توهان رات جو يا صبح جو اٿندي ئي هوا خارج ڪندؤ.
ڳورهاريون عورتون
گهڻين ڳورهارين عورتن ۾ گهڻِي هوا خارج ٿيڻ عام ڳالهه آهي. حمل جي ڪري هارمون جي سطح ۾ اضافو ٿئي ٿو، جنهن سان معدي جي نالين جو عمل سست ٿيو وڃي، جيڪو گيس ٺھڻ لاءِ تمام موزون هجي ٿو. وڌيڪ اهو ته ڳورهارين عورتن ۾ پنھنجن عضون تي ڪنٽرول رکڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي، جنھن جي ڪري انهن کي هوا روڪڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
حيض به هوا خارج ٿيڻ جو سبب آهي
حيض کان اڳ ۽ وچ ۾ ڪجهه عورتون معمول کان وڌيڪ هوا خارج ڪنديون آهن. هارمون جو لاهو چاڙهو خاص طور تي ايسٽروجن ۽ پروگسٽرون هارمون ان جو سبب ٿيندو آهي.
حيض شروع ٿيڻ کان اڳ ٻچي دانيءَ جي خلين ۾ ليس وارو پردو، سڻڀي تيزابيت (فيٽي ايسڊ) خارج ٿيندو آهي جيڪو هارمونز جيان ڪم ڪندو آهي. پروسٽي گلينڊنس (هڪ مادو، جيڪو ڌڪ لڳڻ يا بيماريءَ ۾ بدن مان نڪرندو آهي) جو گهڻو مقدار رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جيڪو هوا خارج ٿيڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجندو آهي.
چيگم به!
ڇا توهان گهڻو ڪري چيگم (چوئنگم) کائيندا آهيو، خاص طورتي ماني کائڻ کان پوءِ؟ ٿي سگهي ٿو ته توهان ساهه جي ڌپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندا هجو ياڏند صاف ڪرڻ لاءِ، پر اها عادت توهان جي هاضمي کي خراب ڪري رهي هوندي آهي. اهو عمل نه رڳو توهان جو هوا ڳِھَڻ جو عمل وڌائي ٿو، (هوا ٻاهر نڪرڻ بدران اندر ويندي آهي) پر چوئنگم ۾ موجود غير قدرتي مٺاڻ وارا جزا به توهان ۾ گيس پيدا ڪندا آهن.
گيس نڪرڻ جو رستو
پيٽ جي هوا يا ته وات ذريعي اوڳرائيءَ جي صورت نڪرندي آهي يا وري ويھڪ واري جاءِ ذريعي. جڏهن اها ويھڪ واري جاءِ ذريعي خارج ٿيندي آهي ته اهو عمل ڪنھن مرض جي نشاني ناهي. جڏهن گيس ويھڪ واري جاءِ ۾ داخل ٿيندي آهي ته ان جي اڳتي وڌڻ جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ۽ پوءِ ويھڪ واري جاءِ ان کي ٿوري ٿوري مقدار ۾ خارج ڪندي آهي.
گيس بيمارين کان بچائيندي آهي
جڏهن ڪو ڌپ وارا ٽِٽَ يا ڦُوسَ ڏيندو آهي ته اسين عام طور تي اتان ڀڄي ويندا آهيون. ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته ڦُوسَ جي ڪِنن آنن جھڙي ڌپ، هائڊروجن سلفائيڊ گيس جو سبب هوندي آهي. اها ذاتي طور پاڻ خراب ناهي پر حقيقت ۾ اها اسان جي خلين جي حفاظت ڪندي آهي. جيتوڻيڪ هائڊروجن سلفائيڊ جي علاج جو طريقو اڃا تائين وجود ۾ نه آيو آهي، پر سائنسدانن جي خيال ۾ اها گيس اسان کي ڪينسر، اسٽروڪ ۽ دل جي دوري جي خطرن کان بچائي سگهي ٿي.
پنھنجي ڦُوسَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي!
گهڻن ماڻهن کي پنھنجي ٽِٽَ ڦُوسَ جي ڌپ خراب ناهي لڳندي، جيتوڻيڪ اها ڪافي بدبودار هوندي آهي. هڪ نظريي موجب اسين پنھنجي هوا جي ڌپ ”پسند“ ڪندا آهيون (هر ڪنهن جي ڦُوسَ ڌار هوندي آهي). ڇو جو اسين وقت سان گڏ ان جا عادي ٿي چڪا هوندا آهيون.
وڌيڪ اهو ته اسان کي ٻين جي هوا خارج ڪرڻ جي ڌپ اڻوڻندڙ لڳندي آهي ڇو جو اسان جو دماغ الٽي ڏياريندڙ ڌپ کي ناپسند ڪندڙ آهي، جو اها اسان جي صحت لاءِ خطرناڪ سمجهي ويندي آهي. ڪنھن ڇا خوب چيو آهي ته ”پنھنجو ٻار ڀلي ڪوجهو ئي ڇو نه هجي پر سھڻو لڳندو آهي، وڻندو آهي“.
ڇا ٽِٽَ ڦُوسَ روڪڻ گهرجي؟
سوچيو! توهان هڪ لفٽ ۾ آهيو ۽ اوچتو توهان کي محسوس ٿئي ته توهان ٽِٽَ ڏيڻ وارا آهيو، ان صورت ۾ توهان ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري سگهو ٿا. پر توهان ايئن گهڻي دير لاءِ نٿا ڪري سگهو. ٽِٽَ / ڦُوس کي روڪڻ پيٽ اڀامڻ جو سبب بڻجندو آهي، جيڪو توهان کي بي سڪون ڪري سگهي ٿو.
خارج نه ڪيل گيس توهان جي جسم ۾ ٻيھر جذب ٿي ويندي آهي، جيڪا ڪجهه وقت کان پوءِ توهان جي وات مان خارج ٿيندي آهي (ان وقت توهان کي الائچيءَ جي ضرورت پوندي). جيڪڏهن دٻاءُ وڌي وڃي ته توهان بي قابو ڦُوسَ ڏيڻ جي خطري ۾ پئجي سگهو ٿا.
دوائون ۽ ذهني دٻاءُ
کاڌو، دوائون، ذهني دٻاءُ ۽ غذا جي مقدار ۽ مزاج، آنڊَن جي سرگرمي کي متاثر ڪري سگهن ٿا.
ڪاربونيٽڊ شربت
سوڍا جي شوقين ماڻهن کي پنھنجي مشروب جي چونڊ بابت ٻيھر سوچڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي جيڪڏهن انهن کي گيس جو مسئلو آهي. آنڊَن جا بيڪٽرياز جيڪي هوا ٺاهيندا آهن انهن کي ثمرقند (فرڪٽوز) سان ڀرپور مڪئي جو شربت (ڪارن سيرپ) گهڻو پسند هوندو آهي ۽ ڪاربونيٽڊ مشروبن ۾ اهو تمام گهڻو هوندو آهي. ٻين مشروبن جھڙوڪ ميوي جي ذائقي وارا شربت، ميون جا جوس به ان قسم جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا.
ڦَريون ۽ ڀاڄيون
ڦريون ۽ ڀاڄيون رڳو غير صحت بخش کاڌو ئي نه آهن پر اهي هوا يا بخار بڻجڻ جو سبب هجن ٿا. ڦريون ۽ ڀاڄيون جھڙوڪ لوبيا (چونرا)، گُل گوبي ۽ بند گوبي به هو ا/ گيس پيدا ڪرڻ لاءِ مشھور آهن يعني اهي بادي کاڌا چيا ويندا آهن. اهي غذائون پيچيده ڪاربوهائڊريٽ سان ڀرپور هجن ٿيون، جيڪي آنڊن جي بيڪٽريا کي پسند آهن. ان کان سواءِ ريشيدار غذا، جنھن جو وڏي آنڊي ۾ اڀام ٿيندو آهي. دالون به ان معاملي ۾ گهڻيون بدنام آهن. حقيقت اها آهي ته دالن جو ريشو ڪافي سخت ٿئي ٿو، جڏهن معدو ان کي ٽوڙيندو آهي ته ان سان گيس ٺھندي آهي.
عورتون بازي کٽي ويون! پر مرد به گهٽ ناهن
عورتن ۽ مردن ۾ ڪنھن جو ٽِٽَ ڦُوسَ گهڻو بدبودار هجي ٿو؟ حقيقت ۾ هن مقابلي ۾عورتون بازي کٽي وڃن ٿيون! ڇو؟ سڌي ڳالهه آهي ته انهن جي هوا ۾ مردن جي ڀيٽ ۾هائڊروجن سلفائيڊ جي مقدار وڌيڪ هجي ٿي، اهي گيسون ڪِنن آنن جھڙي ڌپ واريون هونديون آهن.
پر عورتون دل ۾ نه ڪن، جڏهن تعداد ڏسجي ٿو ته مرد عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوا خارج ڪندا(ٽِٽ ڦوس ڏيندا) آهن.
دوائون
ڇا توهان ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته توهان عام حالتن ۾ گهڻا ٽِٽ ڦُوس ڏئي رهيا هوندا آهيو؟ توهان جون دوائون، هوا خارج ڪرڻ (گيس وڌڻ/ گهڻا ٽِٽَ ڦُوس يا اوڳرايون اچڻ) جو سبب ٿي سگهن ٿيون. ڪجهه دوائون جھڙوڪ آئبوپروفن، ليگزاٽيوز ۽ ٻيون دوائون ڪجهه ماڻهن جي آنڊَن ۾ گيس پيد اڪري وجهنديون آهن.
(ڪنهن به خاص نسخي جون دوائون ڇڏڻ کان اڳ پنھنجي ڊاڪٽر سان صلاح ضرور ڪريو)
مسئلن جي نشاني
جيتوڻيڪ هوا خارج ڪرڻ بلڪل عام ڳالهه آهي، صحت جا ڪجهه مسئلا هوا خارج ڪرڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. مثال طور آنڊن جي حساسيت ، قند خير (بيڪٽرياز) کي قبول نه ڪري سگهڻ ۽ پيٽ جون بيماريون (جھڙوڪ گلوٽن جي ڪري حساسيت). صحت جا اهي مسئلا عام طور تي ٻين علامتن سان گڏ ٿيندا آهن، جھڙوڪ اسھال (دست) ڀرتي (بدهضمي).
گيس ڪيئن گهٽائجي؟
هاضمي سان پيدا ٿيندڙ گيس کي گهٽائڻ لاءِ گيس پيدا ڪندڙ غذائن کان بچڻ ضروري آهي.
هاضمي وقت پيدا ٿيندڙ گيس جا عام ذريعا لوبيا (چونرا)، بند گوبي، اناج، کير، گهٽ ڪيلوري وارو مٺاڻ، خاص طورتي الڪوحل واري کنڊ جھڙوڪ مينيٽول، زائليٽول ۽ سوربيٽول.
ڪي کاڌا پچائڻ جا طريقا گيس کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا، جيئن لوبيا کي رڌڻ کان چار ڪلاڪ اڳ پُسائڻ ۽ انهن کي پچائڻ کان اڳ تازي پاڻيءَ سان ڌوئڻ. ڪجهه بنا نسخي واريون دوائون به مددگار ٿي سگهن ٿيون، جيتوڻيڪ اهي هر ڪنھن تي اثرانداز ناهن ٿينديون. جيڪڏهن اڃا به هوا خارج ڪرڻ جو عمل توهان کي پريشان ڪري رهيو آهي ته پوءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.
هوا خارج ڪرڻ / ٽِٽ ڦُوس ڏيڻ ۾ تيزي
هوا خارج ڪرڻ جي رفتار کي ماپڻ ته ڏکيو آهي، انفرادي ٽِٽَ ڦُوس لاءِ تمام گهڻيون تبديليون ٿينديون آهن، جنھن ۾ ماليڪيول جي بناوٽ (مثال طور جيڪو توهين کائو ٿا، گرمي پد، هوا جي رفتار، ماحولياتي رنڊڪون) ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
گيس هڪ ڍال
ايئن به آهي ته ڪو گيس خارج ڪرڻ سان پاڻ کي محفوظ ڪري، ان کي ڍال (بچاءُ) طور استعمال ڪري. اچو توهان کي هڪ طبي دنيا جو عجيب واقعو ٻڌايون ٿا. 1916ع ۾ محققن هڪ نوجوان بابت تحقيق بعد نتيجو ڪڍيو ته اهو ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿي ويو هو ۽ پنھنجي ماءُ کان ٻن مھينن جي عمر ۾ ڌار ڪيو ويو هو، جڏهن هو محسوس ڪندو هو ته خطرو مٿي تي بيٺو آهي ته هو پنھنجو پاڻ کي هوا ذريعي حفاظتي ڪڪرن ۽ جسم جي ڌپ جي گهيري ۾ ڏئي ڇڏيندو هو.
ڪجهه لطيفا
هڪ همراهه ٻڌائي ٿو ته، هڪ ڀيري هو ڪراچيءَ جي هڪ بس ۾ سفر ڪري رهيو هو. بس ٽُٻ ٽار ڀريل هئي. ايتري ۾ ڪنھن همراهه ڦُوسَ ڏني. اهڙي ڌپ ڪڍيائين جو الله ڏئي پناهه! ماڻهن جو حوصلو هو جو اهي بيھوش نه ٿيا! هڪ ٻئي همراهه کان رهيو نه ٿيو، سو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، چئي ”دماغ ساڙي ڇڏيئي، الا ڙي، دماغ ساڙي ڇڏيئي“. ڄڻ هن سڀنيءَ جي ترجماني ٿي ڪئي.
هڪ ٻئي همراهه هي واقعو ٻڌايو:
هڪ دعوت ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. ماني کُلي ۽ ماڻهو ان طرف ڊوڙيا، خادم به انهن سان گڏ هو، اسان جي وڏي ڀاءُ جو بي حجاب ۽ ڀوڳائي دوست به گڏ هو. اوچتو ان دوست وڏو ٽِٽَ ڏنو. مون کي کِل اچڻ واري ئي هئي جو اهو مون کي گهُوري ڏسڻ لڳو. هاڻي آئون پريشان ته ماڻهو مون کي ئي اصل ڏوهي سمجهندا، يعني سمجهندا ته مون ٽِٽ ڏنو آهي، گهڻن ته ايئن ئي سمجهي به ورتو هوندو.
هڪ همراهه ڪجهه هينءَ لطيفو ٻڌايو:
هو موٽر سائيڪل تي چڙهي ڪنھن سان ملڻ ويو. موٽر سائيڪل گهٽيءَ ۾ بيھاري اندر ڪمري ۾ هليو ويو. اڃا ڳالهه ٻول شروع ئي ٿي هئي جو ايئن لڳو ڄڻ ڪنھن موٽر سائيڪل چالو ڪري ڇڏي هجي. تڪڙ ۾ اٿي دريءَ مان ليئو پاتائين. ميزبان پڇيو، ”ڇا مسئلو آهي؟“ جنھن تي مھمان کيس حقيقت ٻڌائي. ميزبان کليو ۽ کِلندي چيائين، منھنجي هڪ پاڙيسريءَ کي گيس جي بيماري آهي، گهر وارا چونس ٿا جڏهن اچئي ته گهٽِيءَ ۾ وڃي ڏيندو ڪر.
هڪ لطيفو هي آهي ته زال مڙس باغيچي ۾ گهمي رهيا هئا. گهمڻ دوران زال پنھنجي مڙس کي چيو ”ٻڌئي، تو هاڻي هلڪڙي آواز ۾ ٽِٽ ڇڏيو آهي“. سندس مڙس عرض ڪيو، ”بيگم، تو واري ٻڌڻ واري اوزار جون بيٽريون سڀاڻي ئي مَٽايان ٿو“.
اهڙي طرح: هڪ مريض جي چڪاس دوران ڊاڪٽر نڪ موڙي مريض کان پڇيو ڇا توکي ٽِٽ گهڻا ايندا آهن؟.
مريض چيو: ڊاڪٽر صاحب، ٽِٽَ ته مون کي گهڻا ايندا آهن پر سڀ بي ڌَپا (يعني انهن مان ڌپ ناهي ايندي). ڊاڪٽر مريض کي هڪ ايڊريس لکي ڏني. مريض ٻاهر نڪري ڏٺو ته ان تي لکيل هو ”نڪ ۽ ڪن“ جو شعبو. يعني هي همراهه ٻوڙو به آهي ۽ هن کي ڌپ به محسوس ناهي ٿيندي. ان ڪري نڪ ۽ ڪن ٻنهي جو علاج ڪرائڻ لاءِ موڪليائينس.هڪ شاگرد کي سزا ملي. ٻيو ڀيرو ڌَپ وارو ٽِٽ ڇڏڻ تي استاد کيس ڪلاس مان ٻاهر بيھاري ڇڏيو. پرنسيپال اتان گذريو ته ڏٺائين هڪ ڇوڪرو ڪلاس مان ٻاهر بيھي کِلي رهيو آهي. هن ڪاوڙ مان پڇيو : ”ڇا ڳالهه آ؟“ جنھن تي شاگرد ٻڌايو ته کيس ڇو ڪلاس مان ڪڍيو ويو آهي. پرنسيپال چيو :” ته پوءِ کلين ڇو پيو؟“ شاگرد وراڻيو، ”مون کي ته ڪڍي ڇڏيائين پر سڀ ڪلاس ۾ ويھي سونگهي رهيا آهن“.

-

تبصرہ آپ کا
ﺗﺑﺻره آﭘﮑﺎ